InterNICHE



  About InterNICHE
  News
  Alternatives
  Conscientious Objection
  Resources
  How you can help
  Sponsors
  Site Map
  Links
  HOME

Introduction in other languages


 



InterNICHE Co-ordinator
Nick Jukes
42 South Knighton Road 
Leicester LE2 3LP 
England 

Tel/Fax +44 116 2109652

coordinator@interniche.org



 Introduction - Sindhi

 

جانورن تي مختلف قسم جا تجربا ڪرڻ تي اوھان جي اندر ڪھڙي طرح جي سوچ پيدا ٿئي ٿي ؟

ان ڳالھ جو ڪوبھ معقول سبب نھ آھي تھ تعليم و تربيت جي لاءِزندھ جانورن جي چير ڦاڙ ڪئي وڃي . اھڙا ڪيترائي جديد طريقا نڪري پيا آھن جن سا ن جانورن جي زندگي جو اجايو نقصان ڪرڻ کان سواءِ بھ تعليم و تربيت حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ انھن کي دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي .

اخلاقيا ت جي تعليم اھڙا ڪيترائي طريقا پيش ڪري ٿي جن سان جانورن جي زندگي جي اجائي نقصان کان بچي سگھجي ٿو . ھن دور ۾ ڪمپيوٽر جي جديد ٽيڪنالاجي اھڙا ڪيترائي طريقا پيش ڪري ٿي جنھن سان ڪمپيوٽر جي پردي تي مجازي طور تي چِيرڦاڙ (dissection) جو ڪم ڪندي ڏيکاري سگھجي ٿو.طب ۽ جراحي جي جديد ترين تربيتي طريقن طور ننڍڙين شين جي جراحي جا نمونا(microsurgery models) بھ پيش ڪري سگجھن ٿا ؛ جيئن مثلاً بُوتا ، مصنوعي عُضوا ۽ڪارڪردگي بابت آگاھي وارو طريقھ ڪار وغيرھ ؛ جيڪي حقيقت جي ڪافي ويجھو ھوندا آھن .ٻين طريقن ۾ پنھنجو پاڻ مٿا ن يا وري انھيءمقصدلاءِ راضي ٿيل رضاڪارن کي بھ استعمال ڪري سگھجي ٿو جيڪي ڪمپيوٽر سان جُڙيل پنھنجي تنتن۽ مشڪن کي حرڪت ۾ آڻي ڪافي معلومات ڏيئي سگھن ٿا .

اخلاقي تعليم جي دائري کي جانورن جي فائدي تائين بھ وڌائي سگھجي ٿو . جانورن جا ڊاڪٽر زندھ جانورن تي تجربا ڪرڻ جي بجاءِ حقيقي طور تي بيمار جانورن تي تجربا ڪري نھ صرف پنھنجي اندر ڪيئي قسم جون مھارتون پيدا ڪري سگھن ٿا بلڪھ ايئن ڪرڻ سان جانورن جي زندگي کي اجايو نقصان پھچائڻ جي ڏوھ کان بھ بچي سگھجي ٿو. بائلاجي جا شاگرد جڏھن غير جارحانھ نموني سان جانورن بابت ڪو مطالعو ڪن ٿا تھ پنھنجي جارحانھ روش سان ليبارٽري ۾ حاصل ڪيل تعليم و تربيت کان گھڻو وڌيڪ سکي وڃن ٿا .لاوارث انساني لاشن جي چير ڦاڙ وانگر بيماري يا حادثي ۾ مري ويل جانور تي بھ اھي تجربا ڪري سگھجن ٿا .

مُئل جانورن تي ڪيل تجربن جي نتيجي ۾ شاگرد توڙي استاد فقط اخلاقي تعليم حاصل ڪري سگھندا. تنھن ھوندي بھ جانورن تي تجربن جي نتيجي ۾ اوھان مٿان اھا سوچ ٿاڦجي ٿي تھ زندگي جي ڪابھ اھميت ڪانھي .ڇااسان جانورن جي ڊاڪٽرن ، محققن ۽ عام ڊاڪٽرن کي ڏني ويندڙ انھيء تعليم سان متفق آھيون تھ زندھ جانورن تي چيرڦاڙ جا تجربا ڪري پوءِڀلي اُنھن کي اڇلائي ڇڏجي ؟ڇا اھو صحيح آھي تھ جانورن کي جھنگ مان جھلي اچي سڄي ڄمار جي لاءِ اُنھن کي ننڍڙن ننڍڙن پڃرن ۾ قيد ڪري ڇڏجي ، اُنھن کي پنھنجي پيدائشي ۽ قدرتي جذبن جو اظھارڪرڻ کان روڪي ڇڏجي ۽ انھن جِي زندگي جي پڇاڙي وڃي جارحانھ تجربن واري چير ڦاڙ واري ٿال(dissection tray) تي ٿئي ؟

ڇپيل تحقيقي مطالعن مان ثابت ٿيو آھي تھ متبادل ترقياتي طريقن جي مؤثر استعمال سان گھربل معلومات ، مھارتون ۽ اخلاقي سجاڳي پيدا ڪري سگھجي ٿي .شاگردن ۽استادن تي ڪنھن بھ قسم جو دٻاءُ وجھڻ کان بغير ترغيب ۽ بھتر تربيتي ماحول ذريعي بھ کين قائل ڪري سگھجي ٿو تھ جانورن کي اجايو نقصان پھچائڻ بھتر عمل ڪونھي . اِن حوالي سان توھان متعلقھ ماڻھن جي سوچن ۾ تبديلي آڻي سگھو ٿا .جانورن کي اجايو نقصان پھچائڻ واري عمل جي خاتمي لاءِ گھربل مدد خاطر توھان InterNICHE سان رابطي ۾ اچو

News release
Other languages


 About InterNICHE
 News
 Resources
 Alternatives
 Conscientious
   Objection

 How you can help
 Sponsors
 Site Map
 Links
 HOME
o